اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻا??ن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي عزم کي ورجائڻ آهي، اڄ اسان پنهنجي ٻا??ن جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو عزم ڪريون ٿا، حڪومت هر ٻار کي غربت ۽ هر قسم جي تشدد کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هر ٻار کي معياري تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا ??هيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب ٻا??ن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ??ه اسان يقيني بڻائي رهيا ??هيون ته ڪنهن ٻار سان ان جي قوميت، مذهب يا ??نف جي بنياد تي فرق نه ڪيو وڃي، هن چيو ??ه اڄ اسان پنهنجي ٻارن کي ماحولياتي تبديلي جي سخت اثرن کان بچائڻ جو به عزم ڪريون ٿا. صدر چيو ته پاڪستاني ٻا??ن جي بهتر زندگي جي لاءِ ميڊيا، معاشري، والدين ۽ پاڻ ٻارن کي به گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اچو وبا تي ضابطو آڻي هر ٻار جي لاءِ وبا کانپوءِ هڪ بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪريون.