اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪس??ان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي سينيٽ چ??ئرمين چيو ته پاڪس??ان کي موسمياتي تبديلي جي صورت ۾ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، وڌيڪ وڻ هڻي اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي ??هٽ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجن، ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي ??ڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ??رپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان کي ??هٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته عوام وزيراعظم عمران خان جي ڪلين ا??نڊ گرين پاڪس??ان مهم ۾ حصو وٺي وڻ هڻي ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪري. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ??هٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪاربن جو خارج گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس شمسي توانائي سان بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيو آهي. سينيٽ چ??ئرمين چيو ته هڪ اندازي موجب هن وقت پاڪس??ان جي رڳو 5.7 سيڪڙو زمين ٻيلن تي ٻڌل آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو اسان جو ماحول خوبصورت ٿيندو ??ر وڻ آڪسيجن جو اهم ذريعو به آهن. صادق سنجراڻي چيو ته تعليمي ۽ سماجي ڌرين سميت قومي وڻڪاري مهم ۾ انفرادي طور تي هر هڪ کي حصو وجهڻ گهرجي ته جيئن پاڪس??ان کي سرسبز شاداب بڻائي سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران 2 سيپٽمبر 2018ع تي 10 بلين ٽري سونامي مهم شروع ڪئي، پلانٽ فار پاڪس??ان 5 سالا منصوبي ۾ 2023ع تائين 10 بلين وڻ لڳائڻ جو هدف آهي.