اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ را??دين تي خاص ڌيان ڏيندو، معيشت سميت ٻين ملڪي مسئلن جي ڪري هو را??دين جي لاءِ وقت نه ڏئي سگهيو. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سوشل ميڊيا تي طلحي?? طالب جي سرڪاري سرپرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته را??دين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيشت ۽ ٻين م??ئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون را??دين بابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، اسڪوائش جو عروج ڏٺو، را??دين ۾ پستي جو بنيادي سبب ٻن خاندانن جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن نيب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري ان کي تباهه ڪيو پر اسان جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏن م??ڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئي قانون آهي، بي شرمي ۽ بيدردي سان ملڪ کي ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته را??دين ۾ اسان دنيا سان مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جو مسئلو را??دين جا ادارا نه ٺاهڻ آهي، اسڪوائش ۾ جان شير ۽ جهانگير خان جي وڃڻ کانپوءِ اها را??د اسان جي هٿن ۾ نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ٺاهيو، اسان کي را??دين جا ادارا ٺاهڻا آهن، پروفيشنلز کڻي اچڻا آهن، آخري ٻن سالن ۾ ان تي ڀرپور ڌيان ڏيندس. هن چيو ته سسٽم بهتر ٿيڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي سطح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان آهستي آهستي سسٽم ٺيڪ ڪندا??ين.