اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? چيو آهي ته سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي، وزيراعظم عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سا?? قبول ڪندي اورنگزيب خان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستبردار ٿي ويو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه تي صحافين سا?? ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جو تعلق اڳوڻي فاٽا سا?? آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سا?? وزيراعظم عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اسان سا?? گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر اورنگزيب خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي طرح جي خدمتن سا?? ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.