اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکو??ل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ان مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي صورتحا?? پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي ش??يد ڪيو ويو، انهن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح جي واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خوف ۽ بي يقيني جي صورتحا?? پيدا ڪرڻ هوندو آهي، ان صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سڄي صورتحال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم ڏکو??ل آهي.