اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت جو مديني جي رياست جو تصور علامه اقبال جي مسلمانن جي نشاته ??انيه جي پيغام جي عين موجب آهي. ڪنهن کي ان معاملي تي طنز نه ڪرڻ گهرجي، دنيا جا ڪجهه ملڪ نشاته ??انيه جي معاملي تي پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ??مران خان جهڙو اڳواڻ ان معاملي تي پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، علامه اقبال هندستان ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي استحصال جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها اڄ سچ ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن علامه اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي حوالي سان ايمبيسڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.