اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ خوشحال قوم بڻائڻ ل??ءِ ضروري آهي ته اسان اسلام جي باري ۾ ڊاڪٽر علامه محمد اق??ال جي پيروي ڪريون، شاعر مشرق جي خودي واري فسلفي تي يقين رکندي اسان پنهنجي عزت ۽ انساني وقار ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا. صدر عظيم فلسفي شاعر کي سندس يوم پيدائش جي موقعي تي زبردست خراج عق??دت پيش ڪيو، پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اق??ال ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو وڏو محسن هو جنهن مسلمانن ل??ءِ ڌار وطن جو خواب ڏٺو ۽ ان کانپوءِ ان جو جواب حقيقت ۾ تبديل ٿي ويو.