اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قوم جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جو 148هون جنم ڏينهن 25 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ قومي جو?? ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي مُلڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ نجي سرڪاري تنظيمن، پاڪستان مسلم ليگ، تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ، نظريه پاڪتان فائونڊيشن، مرڪزيه مجلس اقبال ۽ ٻين تنظيمن جي سهڪار سان پروقار تقريبن، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرن جو بندوبست ڪيو ويندو. ڏينهن جي ??ناسبت سان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن ه??ڌن ۾ توپن جي سلامي ڏني وي??دي ۽ ڪراچي ۾ قائداعظم جي ??زار تي گارڊز جي تبديليءَ جي تقريب به منعقد ٿيندي. قوم جي باني 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي جي ??زير مينشن ۾ پييا ٿيو، سندس والد جو نالو جناح پونجا هو جيڪو هتان جو واپاري هو. محمد علي جناح شروعاتي تعليم جي شروعات 1882ع ۾ ڪئي، هو 1893ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو، اتان ه?? 1896ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو ۽ وطن وريو. هن 1897ع ۾ ممبئي ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي، کيس 1900ع ۾ ممبئي ۾ پريزيڊنسي مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1906ع ۾ ممبئي هاءِ ڪورٽ مان ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان ڳنڍيو. محمدعلي 1909ع ۾ سپريم امپيريل ڪائونسل جي چونڊ ۾ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي. هو 1910ع ۾ قانونساز ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. پاڻ 1912ع ۾ مسلم ليگ جي ڪلڪته ۾ ٿيل سالياني اجلاس ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي. باني 1913ع ۾ مسٽر گوکلي سان انگلينڊ روانو ٿيو جتي انڊين لنڊن ايسوسيئيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ اُتان واپسيءَ تي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. قوم جي ابي 1926ع ۾ هندو مسلم اتحاد لاءِ نئون فارمولا پيش ڪيو جنهن کي ڪانگريس منظور نه ڪيو. 1929ع ۾ قائداعظم مسلم ليگ جي دهلي ۾ رٿيل اجلاس ۾ 14 نُڪتن جو اعلان ڪيو ۽ باضابطه طور تي ڌار وطن لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي. قوم جي باني ۾ عظمت، قابليت، نيڪ نامي، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي ??ڳن ۽ ذهانت سميت حب الوطني جا جذبا پيدائشي طور موجود هئا، اهوئي سبب آهي جو ننڍپڻ ۽ جو??ني ۾ ئي سندس مدبرانه صلاحيتن، فهم ۽ فراست، پُختي عزم ۽ همت، سياسي بصيرت، دانشم??دي سبب ماڻهن اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته محمدعلي هڪ ڏينهن تمام وڏو نالو پيدا ڪندو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڻ اهو تصور درست ثابت ڪري ڏيکاريو. قوم جي باني 11 سيپٽمبر 1948ع جي رات 10:15 منٽن تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پاڪستان جي باني جي جنم ڏڻ جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ خاص تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص پروگرامز نشر ڪيا ويندا.