اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان برطانيه سان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي ??اڪ??تاني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ??اڪ??تان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه ??حم??د قريشي چيو ته مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون برطانوي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خط?? کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
??ن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ??اڪ??تاني ڄائي برطانوي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سميت برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ ??اڪ??تان کي هوائي سفر جي حوالي سان برطانوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.