اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي ??شاورتي ڪائونسل کي عوام تي ??ڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. هن اها هدايت اقتصادي ??شاورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. وزيراعظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ??اڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي ??عال هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي ??موار ڪرڻ جي حوالي سان ناليوارن معاشي ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آهي. وزيراعظم معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي پيش نظر عوام تي ??يڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام کي رليف ميسر اچي اتي ??عيشت جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش ره?? آهي ته بزنس ڪميونٽي ??ي مشاورت سان نه رڳو پاليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي.