اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور ان??يل?? ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ان موقعي تي چيو ته آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم الامور ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وبا جي پکيڙ کي بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جو روزگار سان گڏوگڏ انساني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اطلا??ات جي پهچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو اتي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ٿيو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڊجيٽل اطلاعاتي نظام تعليم جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو.