اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي ??ي ??ي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان جاپان س??ن پنهنجي پراڻن دوستاڻن ل??ڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسودا سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ?? ٻطرفن ل??ڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ملاقات ?? ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جاپان س??ن پنهنجي پراڻن دوستاڻن ل??ڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ زراعت، معدنيات، سياحت، ماهيگيري، تعميرات ?? توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. موجوده حڪومت پاڪستان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن.