اسلام آباد – 30 جو??اءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀ??و زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ڪر?? هاڻي بلاول کي سياست ۾ آندو آهي ته جيئن سندس ڪرپشن کي تحفظ ملي سگهي، بلاول ڀ??و پنهنجي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ ??لائقائي پارٽي بڻجي وئي آهي، مخالف ڌر ڪن کولي ٻڌي وٺي انهن کي اين آر او نه ملندو، مخالف ڌر جي نيب قانون بابت 38 ترميمن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ڪري ڇڏي آهي ته هڪ ??رب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀ??و زندگي ۾ هڪ ??پيو نه ڪمايو، نه ڪنهن جي مدد ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، بلاول ڀ??و زرداري اسان کان جيڪي سوال ڪري رهيو آهي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪائونٽ ڪنهن جو آهي، ڪراچي ۾ لاتعداد ملڪيتون ڪنهن جو?? آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس انهن سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.