اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ??عز??ت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي ??زارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز ??در کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي ??عز??ت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفين صدر، فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان ??عز??ت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وز??راعظم شهزاده محمد بن سلمان پڻ ??در کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد ??در ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.