اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان جو آزادي جو ڏهاڙو اسان کي پنهنجي وڏن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ محترمه فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان سميت ٻين عورتن جو ڪردار تحسين لائق آهي. قومي اسيمبلي هال ۾ ڊائمنڊ جوبلي تق??يب?? جي حوالي سان منعقد ڪيل عورت ڪنوينشن جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ ڊائمنڊ جوبلي ڪنوينشن آف وومين پارليامينٽرين پروگرام جو حصو بڻجڻ تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هن وومين پارليامينٽري ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده ر??ما??ي کي عورت پارلياماني ??يمبرن جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ بااختيار پليٽ فارم مهيا ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.