اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪا??ره چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي، اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ قمر زمان ڪا??ره چيو ته ٽي سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. انهن قدمن جو مقصد ڀارت جي ا??ا ڪڌي حڪمت عملي لاڳو ڪر?? هو جنهن تحت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊيموگرافي جو تناسب تبديل ڪر?? چاهي ٿو ۽ ان مقصد کي مڪمل ڪر?? جي لاءِ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آهن. اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قدمن تي بضد ۽ بي خوف آهي. ڪشميرين کي بااختيار ڪر?? ۽ راءِ جي حق کان محروم ڪر?? جي لاءِ ڀارت پاران قائم ڪيل حدبندي ڪميشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي من ماني ۽ هٺ ڌرمي جو واضح مثال آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال مسلسل خراب ۽ ناقابل برداشت آهي ۽ تڏهن کان 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن مان رڳو هن سال 130 ماڻهن کي ڀارتي قابض فوج عدالت کان مٿانهين واقعن ۾ شهيد ڪيو. ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري ??وجوانن کي جعلي ۽ نام نهاد مقابلن ۽ سرچ آپريشن ۾ شهيد ڪر?? هڪ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي.