اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپاري برادري ۽ وومين چيمبر آف ڪا??رس اينڊ انڊسٽري تي زور ڏنو اهي ته اهي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽي جا منصوبا شروع ڪري معاشري سان رابطو قائم ڪن، ان سان ماڻهن ۾ بيداري پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ صحت ۽ ماحوليات جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته ان جي نتيجي ۾ صارفين ۾ انهن جي مصنوعات ۽ خدشن جي مقبوليت ۾ پڻ اضا??و ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ فيصل آباد وومين چيمبر آف ڪا??رس اينڊ انڊسٽري جي صدر نگهت شاهد جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ملقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ چيمبر جي نائب صدر فرحت نثار ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جون ميمبر پڻ موجود هيون. صدر عورتن جي نمائنده تنظيمن، اين جي اوز، سياسي پارٽين جي عورت ونگز، ناليوارين عورتن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن تي زور ڏن?? ته اهي ڪاروبار، واپار ۽ صنعتي شعبن ۾ عورتن جي حوصل اافزئي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته پاڪستان کي معاشي ۽ مالي طور تي خودمختيار ملڪ بڻائن جو اسان جو خواب اڌورو رهجي ويندو جيڪڏهن اسان عورتن جي آبادي کي معيشت ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهياسين جيڪو آبادي جو اٽڪل 50 سيڪڙو آهي. ڪاروبار سان واڳيل عورتن جي لاءِ بئنڪن پاران مخصوص ڪيل قرضن مان فائدو کڻڻ جي انتهائي گهٽ شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چي?? ته رپورٽس موجب بئنڪن پاران قرضن جي لاءِ مخصوص ڪيل رقم جو هيستائين اٽڪل 5 سيڪڙو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو خطرناڪ حد تائين گهٽ هو. هن سمورن چيمبرز آف ڪا??رس خاص طور تي وومين چيمبرز آف ڪا??رس تي زور ڏن?? ته اهي ڪاروباري ۽ هنرمند عورتن جي حوصلا افزئي ڪن ۽ انهن جي نامزد بئنڪن مان انهن قرضن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دستاويزي عمل ۾ فعال طور تي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي درپيش ٻين مسئلن جي حل جو انتظام ڪن. صدر ملڪ جي چيمبرز آف ڪا??رس سان گڏوگڏ ڪاروبار، صنعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ عورتن جي گهٽ نمائندگي تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته حڪومت ڪيترائي ڪاروباري عورت دوست قدم متعارف ڪرايا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ عورتن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي پر اڃا تائين گهربل نتيجا سامهون ناهن آيا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪا??رس ۾ به عورتن کي بطور ميمبر ۽ قائداڻي عهدن تي مناسب نمائندگي نه ڏني وئي آهي. هن چيمبرز آف ڪا??رس تي زور ڏن?? ته اهي ان صنعتي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي ۽ بامعنيٰ قدم کڻن ۽ پنهنجي خاندان جي عورتن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ وڏي چڙهي حصو وٺڻ جي ترغيب ڏين. هن صنعتي ۽ ڪاروباري ادارن جي قيادت تي زور ڏن?? ته اهي پنهنجي علائقن ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص ٽرانسپورٽ خدمتن جي ذريعي هڪ محفوظ چينل بڻائين ۽ هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جي جڳهه بڻائين ته جيئن خاندانن جي حوصلا افزائي هجي ته اهي انهن کي پوري اعتماد سان ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلين ۽ عورت ملازمن کي ذهني سڪون فراهم ڪن ته جيئن اهي قوم جي لاءِ دولت جي تخليق ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. صدر چي?? ته ملڪ ۾ هن وقت 900000 جي گهرج جي مقابلي ۾ 200000 نرسون آهن، ان صورتحال اسان جي صحت جي نظام تي تمام گهڻو د??اءُ وڌو آهي. هن نجي صحت جي سهولتن تي زور ڏن?? ته اهي صحت فراهم ڪندڙن جي لاءِ خاص طور تي نرسن جي لاءِ تربيتي سهولتون فراهم ڪن ۽ سرڪاري شعبي جي لاڳاپيل تربيتي ادارن کي مشورو ڏن?? ته اهي ان هائوس، هائبرڊ ۽ آن لائين ٽيچنگ ماڊيولز سان گڏجي معياري شارٽ ڪورسز پيش ڪن ته جيئن طلب ۽ پهچ جي خال کي ڀري سگهجي. هن اطمينان جو اظهار ڪي?? ته ڇاتيءَ جي ڪينسر ??ابت آگاهي پروگرام جا نتيجا سامهون آيا آهن، واپاري برادري تي زور ڏن?? ته اهي ان مرض بابت موثر مهم ذريعي قوم کي بريسٽ ڪينسر ??ابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. ان کان اڳ وفد صدر کي وومين چيمبر آف ڪا??رس جي ڪا??يابين ۽ ان جي ميمبرن کي ٽيڪس معاملن، ڪاروبار جي لاڳت جي وڌڻ ۽ ڪاروباري قرضن جي لاءِ درخواست ڏيڻ دوران دستاويزن جي ڊگهي طريقيڪار بابت درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو.