اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عم??ان خان جي ڏو??ن جي تصديق قرار ڏيندي چيو آهي ته چور، ڪوڙو ۽ مني لانڊر آخرڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عم??ان خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، عم??ان خان پاڪستان جي خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چيو ته عم??ان خان ڪوڙو ۽ جعلساز آهي، ان تي اليڪشن ڪميشن مهر لڳائي ڇڏي آهي، عم??ان خان اسرائيل، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن کان ممنوعه فنڊنگ ورتي. هن چيو ته عم??ان خان غيرقانوني فنڊنگ سان پاڪستان ۾ فتنو برپا ڪيو. عم??ان خان ڄاڻي واڻي 351 غيرملڪي ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان فنڊنگ ورتي ۽ جعلي ۽ ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ته 13 غيرقانوني بئنڪ اڪائونٽس عم??ان خان پاڻ هلائيندو رهيو ۽ انهن کي اليڪشن ڪميشن کان لڪائيندو رهيو. عالمي فراڊين خيرات جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا ۽ جعلسازي ڪئي. عم??ان خان ڄاڻي واڻي پنهنجي 4 ملازمن طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق جي نالي تي پئسا گهرايا. هن چيو ته چور ۽ مني لانڊر وڪيل بدلايا، اليڪشن ڪميشن کان ڀڳو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪيس روڪڻ جي لاءِ پٽيشنز داخل ڪيون. هن چيو ته عم??ان خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي. ??فا??ي حڪومت قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته عم??ان خان ان چوري جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪري رهيو آهي.