اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي جديد ترقي يافته اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ جي لاءِ ت??ري?? پاڪستان جي جذبي سا?? تعمير پاڪستان جي ت??ري?? شروع ڪرڻ جي ضرورت ??هي، اسان جو پيارو پاڪستان 75 سالن جو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ملڪ کي معاشي طور تي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ميثاق معيشت جي منزل قومي ڊائيلاگ جي ذريعي حاصل ڪنداسين. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو ارمان اسان جو پيارو پاڪستان 75 سالن جو ٿيڻ وارو آهي، آزادي جي نعمت تي الله سبحان وتعاليٰ جي آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿا. قائداعظم ۽ علامه اقبال سميت پاڪستان جي بانين کي سلام پيش ڪريُون ٿا جن جي بي مثال سياسي، جمهوري ۽ قانوني جدجهد جي نتيجي ۾ اڄ دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي تي ”عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان“ جي خوبصورت ??نوان سان خصوصي لوگو جاري ڪرڻ تعريف جي قابل آهي. مقصد تي يقين رکڻ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نظم ۽ ضبط سان گڏ جذبي مسلسل ۽ اتحاد جو جذبو فرما هجي ته هر نصب العين حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اڄ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. ميثاق معيشت جي منزل نيشنل ڊائيلاگ جي رستي تي هلندي حاصل ڪنداسين ته جيئن اسان ڪنهن جا محتاج نه رهون. اسان جا ٻار ۽ نوجوا?? تعليم يافته ۽ باشعور هجن ڇو ته تعليم س??ن ئي انفرادي ۽ اجتماعي تبديلي آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته نوجوان ت??ري?? پاڪستان جي جذبي سا?? تعمير پاڪستان جي ت??ري?? شروع ڪن ته جيئن اسان پاڪستان کي جديد ترقي يافته معاشي طور تي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ، اسلامي فلاحي مملڪت بڻايون.