اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي اهي ته اهي ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙين، ريلوي واري وزارت افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلو جلد کان جلد پاور پلانٽس تائين پهچائڻ جي لاءِ ??روري قدم کڻي جڏهن ته وز??را??ظم درآمدي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ??فاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم شهباز شريف ملڪ ۾ افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي چرپر جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، گهرو وزير راڻا ثن??ءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وز??را??ظم جي صلاحڪار احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم عالمي منڊي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ قيمت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس مان مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جو بنيادي سبب قرار ڏنو. وز??را??ظم ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ ??فغانستان مان اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو ڊالرز بدران رپين ۾ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان نه رڳو سستي بجلي پيدا ڪرڻ پر ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملندي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي رڳو ساهيوال ۽ حب پاور پلانٽس جي لاءِ گهربل ڪوئلي جي افغانستان مان درآمد تي امپورٽ بل ۾ ساليانو 2.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿيندي. وز??را??ظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان مقصد جي لاءِ موثر نظام جوڙين ته جيئن ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائ?? سگهجي. وز??را??ظم ريلوي واري وزارت کي به هدايت ڪئي ته اها افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي پاور پلانٽس تائين جلد کان جلد پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??مورا ضروري قدم کڻي. وز??را??ظم درآمدي عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ ??فاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.