اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 ڪشميري نوجوانن جي ??تل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي ??الي تي بي گناهه ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو آهي ته ڀارت ڪ??ميري نوجوانن جو عدالت کان مٿانهين قتل جون ڪارروايون بند ڪري، ڀارت ظالماڻي ڪاررواين سان ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، صدر چيو آهي ته ڀارتي بربريت جي خلاف ڀارت جي غير قانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??قامي آزادي واري ت??ري?? کي دهشتگردي سان نٿو جوڙي سگهجي، صدر چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت لڄائيندڙ ڪاررواين سان انتهاپسند هندوتوا جو چهرو بي نقاب ٿيو آهي، هن چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي، صدر چيو ته گڏيل قومن جي ??راردادن موجب تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي.