اسلام آباد – 11 – مئي (اي پ?? پي) پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ونڊي گلمر اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر مملڪتي وز??ر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وز??ر حنا رباني کر ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو، مملڪتي وز??ر پاڪستان جي شاگردن لاءِ ڪينيڊين ويزا جاري ڪرڻ ۾ سهولت تي به زور ڏنو.