اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان ??لا??قائي ترقي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سا?? ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو، تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ٿورائتا آهيون.
اسپيڪر سا?? قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثان?? پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن س??يت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ قطر سا?? پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سا?? هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفير چيو ته قطر پاڪستان سا?? پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اه??يت ڏي ٿو، قطر پاڪستان سا?? سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، قطر 10 لک ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي لاءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن