اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺ??دا??ين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪ??مياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان، انهن جي ڪوششن ۽ ٻڌي سان هڪ نئون سج اڀرڻ وارو آهي، نئون ڏينهن اچڻ وارو آهي، ??وا?? جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺ??دا??ين، ڪنهن سان ناانصافي نه ڪ??دا??ين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجه??دا??ين نه ڪنهن سان ناانصافي ڪ??دا??ين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان جن بي اعتمادي رٿ ڪ??مياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.