اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود سان صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ملاقات دوران کيس پاڪستان ۾ سونپيل ذميدارين جي ادائيگي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪر??ار ادا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. سهيل محمود اسلامي تعاون ت??ظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي اجلاس ۾ صوماليه جي پرڏيهي وزي?? جي شرڪت تي ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي پاڪستان جي ”انگ??ج آفريقه“ پاليسي لاءِ صوماليه جي اهميت کي به اجاگر ڪيو.