اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوص?? ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ ي??ني??رسٽي جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زور ڏنو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن ??ائ??ن ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر ي??ني??رسٽي جي انتظاميه تي زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي پنهنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پنهنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه اقبال اوپن ي??ني??رسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين ي??ني??رسٽي آهي جنهن اپليڪيشن جو هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن ي??ني??رسٽي جي سڀني تعليمي،انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر ي??ني??رسٽي پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پهچ ۽ ڊجيٽ??ائ??زيشن کي وڌائڻ جهڙي قدمن کي ساراهيو.