اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان مل??ئي??يا جي پلانٽيشن انڊسٽريز اينڊ ڪموڊيٽيز واري وزير زور??ئي??ه بنت قمر الدين وفد سميت پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معامل?? تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سي??ري??ريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ?? مل??ئي??يا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فروغ وٺي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اعليٰ سطحي وفد جي مٽاسٽا سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ معيشت کي نمايان فروغ ميسر ٿيندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان، مل??ئي??يا سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورم?? تي سدائين هڪٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري پاڪستان ?? مل??ئي??يا، پنهنجي لاڳاپيل مارڪيٽن تائين پهچ جي سهولت فراهم ڪري هڪٻئي کي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي فائدا فراهم ڪري سگهن ٿا. تعليم، دفاعي مصنوعات، واپار ۽ سيڙپڪاري اليڪٽرانڪس ۽ آءِ ٽي انڊسٽري، حلال فوڊ، آئل اينڊ گئس، قابل تجديد توان??ئي?? سيا??ت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون هڪ ٻئي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ”آسيان“ جو ڊائلاگ پارٽنر بڻجڻ لاءِ مل??ئي??يا پاران حمايت جو منتظر آهي. مل??ئي??ين وزير زور??ئي??ه بنت قمر الدين سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، معيشت جي بهتري لاءِ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ موجوده سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي مل??ئي??ين سيڙپڪار، پاڪستان ?? سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن.