اسلام آباد ?? 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا جي ازالي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، پوري مسلمان امت کي ??سلامو فوبيا جي ازالي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪر??ان ٿو، پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي آهي جنهن جي ڪر?? هر محاذ تي ڪاميابي ٿي، عوامي حمايت جي ڪر?? موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن مخدوم زين حسين قريشي، محمد ابراهيم خان، طاهر اقبال، اورنگزيب خان، رياض فتيانه، سردار نصر الله دريشڪ، نجي?? هارون، سردار محمد خان لغاري، عاصمه قدير ۽ جويريه ظفر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. سنڌ مان قومي اسيمبلي جا ميمبر صائمه نديم، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر رابعيه اظفر ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي ۽ ارسلان گهمڻ به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقاتن ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسرو بختيار، سيد علي زيدي، خصوصي صلاحڪار عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هئا، پارليامينٽ جي ميمبرن وزيراعظم کي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا کي ??وڪڻ جي حوالي سان قرارداد منظور ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا کي ??وڪڻ لاءِ هر فورم تي آواز کنيو، اسان جون ڪوششون عالمي سربراهن سميت روسي صدر پيوٽن ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به اسلامو فوبيا کي ??وڪڻ لاءِ آواز اٿاريو. سڄي مسلمان دنيا کي ??ن ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪر??ان ٿو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي آهي. جنهن جي ڪر?? هر محاذ تي ڪاميابي سان همڪنار ٿي، عوامي حمايت جي ڪر?? موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، سياسي معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.