اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازب??ست??ن جي صدر شوڪت مرزايوف ج?? پا??ست??ن اچڻ تي سندس مان ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان ??وق??ي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ازبڪ صدر جي مان ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ازبڪ صدر ??ارڊ آف آرنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم عمران خان معزز مهمان سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم سان ساڻس گڏ ايندڙ وفد جو تعارف ڪرايو. ازبڪ صدر وزيراعظم هائوس ۾ هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي بعد ۾ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفا علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ آڻيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 10 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. ازبڪ صدر جو پا??ست??ن جو ٻن ڏينهن جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پا??ست??ن وچ ايشيائي رياستن سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. شوڪت مرزايوف جو تازو دورو ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. ان کان اڳ ازب??ست??ن جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري ت?? پا??ست??ن پهتو ته وزيراعظم عمران خان ايئرپورت تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. ان ??وق??ي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ازبڪ صدر ??ي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. ازب??ست??ن جو صدر پا??ست??ن جي دوري دوران صدر ??اڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتون ڪندو. پا??ست??ن ۽ ازب??ست??ن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن.