اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پارليامينٽ جي ڪار??رد??ي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. صدر منصوبي تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. هن منصوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ س??ن لاڳاپيل ادارن جي ڪار??رد??ي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي سان پارليامينٽ جي ڪار??رد??ي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي.