ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ??ريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل ممڪن آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته پهرين ۽ ٻي ع??يم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيوڪليئر ٽيڪنالا??ي جي اچڻ کانپوءِ ڪا به جنگ دنيا ??ي بقاءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته ڳالهه ٻولهه ??ي رجحان جي فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي سان هر تقريب منعقد ڪري ٿو جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به شاگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي فوري حل سان ئي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.