اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته مون سدائين پنهنجي ٽيم کي چيو ته ”گهٻرايو نه“، اڄ مخالف ڌر کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“، پاڪستاني نوجوانن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ جيڪو انقلاب آيو آهي ان مان فائدو کڻندي نوجوان ۽ ملڪ خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهن ٿا، حڪومت اي – واپار جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي، رجسٽرڊ فري ??انسرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪجهه سالن دوران آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اي – واپار پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت ترين، وزيرا??ظم جي خاص معاون عون عباس بپي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ته منهنجي باري ۾ هتي ڳالهه ڪئي وئي ته مون سڀ کان وڌيڪ جملو ڪهڙو ڳالهايو آهي ته آئون پاڻ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه چئي اها اها آهي ته ”گهٻرايو نه“، ا??ان جڏهن حڪومت سنڀالي ته حالتون تمام خراب هيون ۽ ملڪ ڏيوالپڻو ٿي چڪو هو، مون کي ٽيم جو فڪر هو ته اها گهٻرائجي ويندي، ان لاءِ مون انهن کي تلقين ڪئي ته ”گهٻرايو نه“، جڏهن سڀ کان مشڪل ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي خلاف ا??ان کيڏندا هئاسين تڏهن به آئون پنهنجي ٽيم کي اهو ئي چوندو هئس ۽ اڄ آئون اپوزيشن کي چوان ٿو ته ”گهٻرايو نه“. وزيرا??ظم بهترين پريزنٽيشن تي عون عباس بپي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هن بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ ان ۾ جذبو ۽ جنون آهي. وزيرا??ظم چيو ته آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ وڏا موقعا آهن ۽ ان شعبي ۾ انهن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جو انقلاب اچي ويو آهي، نوجوانن کي ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيرا??ظم چيو ته آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ تمام ٿورا قدم کڻي روانگي واپار ۾ ا??ان 2 ارب کان پوڻا 4 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهيون، ايندڙ ڪجهه سالن تائين آءِ ٽي جو روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي ۽ مراعتن ۽ سهولتن ۾ اضافو ڪندي، ا??ان رجسٽرڊ فري ??انسرز جي لاءِ زيرو ٽيڪس ڪري ڇڏيو آهي، مون بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري دعوت ڏني، هو اهڙو ان??ان آهي جنهن وڌيڪ پئسو ڪمائڻ بدران پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ ان لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، بل گيٽس کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ به سندس خدمتن مان فائدو کنيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ خوشخبري ڏيندس. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪن ٿا پر سسٽم انهن کي اڳتي وڌڻ نه ٿو ڏي، جيترو ٽيلينٽ پاڪستان ۾ آهي دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي، سسٽم نه هجڻ جي باوجود نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا، حڪومت ملڪ ۾ ٽن قسمن جي تعليمي نظام جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرائمري تائين هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته ا??ان جو تعليمي نظام عام ماڻهو کي مٿي اچڻ نه ٿو ڏي، امير ۽ غريب جي لاءِ جدا جدا نظام جو خاتمو ٿي ويو آهي، آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، نوجوانن کي مختلف قسم جا ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، نوجوان خاص طور تي عورتون آءِ ٽي جي ڪري گهر ويٺي ڪاروبار ڪري رهيون آهن، ا??ان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻي نه رڳو انهن کي روزگار فراهم ڪري سگهجي ٿو پر معيشت کي به ان ??ان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ان کان اڳ وزيرا??ظم اي – واپار ??ي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ انعام ورهايا ۽ اي – واپار پورٽل جو افتتاح ڪيو. ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڳ ۾ بئنڪون ڏينهن ۾ ٽرانزيڪشن ڪنديون هيون پر هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿي رهيو آهي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي سڄي دنيا جا پاڪستاني فائدو کڻي رهيا آهن، سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ملي رهيو آهي، حڪومت اي – ڪامرس جي لاءِ تمام گهٽ عرصي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ گذريل سال 47 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن سال 75 سيڪڙو تائين اضافي جي اميد آهي، ا??ان ان شعبي ۾ هر سال 100 سيڪڙو اضافو چاهيون ٿا، ان سلسلي ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. وزيرا??ظم جي خاص معاون عون عباس بپي تقريب کي خطاب کي خطاب ڪندي چيو ته انٽرنيٽ ذريعي شين جي خريد ۽ وڪرو اي ڪامرس آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جو رجحان تيزي ??ان وڌي رهيو آهي، 30 کرب ڊالر جي اي – ڪامرس ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ ا??ان جي حڪومت پهريون ڀيرو اي – ڪامرس جي ٽريڊ کي رجسٽرڊ ڪيو، پاڪستان ۾ 10 لک ايڪٽو فري ??انسرز اي – ڪامرس ??ي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت ان شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيرا??ظم عمران خان جي ويزن تحت اي – ڪامرس ??ي شعبي ۾ جدت اچي رهي آهي، ان جي ذريعي روانگي واپار کي آ??ان بڻايو ويو آهي، حڪومت سچي ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فور جي نيٽ ورڪ وڌايو آهي، نئين تيز ترين فائبر آپٽيڪل وڇائي وئي آهي جنهن ??ان انٽرنيٽ يوزرز ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اي – ڪامرس ??ي شعبي ??ان 36 سيڪڙو عورتون واڳيل آهن جڏهن ته 30 سيڪڙو بطور ليبر ڪم ڪري رهي آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر تائين اضافي جي اميد آهي، اي – ڪامرس جي لاءِ نوجوانن کي تربيت ڏني پئي وڃي، پاڪستان فري ??انسرز جي انگ جي لحاظ کان چوٿين وڏي مارڪيٽ آهي، 50 هزار ايس ايم ايز کي ڊيجيٽل شاپس جي تربيت ڏني ويندي.