اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جي جعلي ميڊيڪل رپورٽ پا??ست??ن جي قا??وني نظام جو مذاق اڏائڻ جي بر??بر آهي، شريف فيملي جعلي ميڊيڪل رپورٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پا??ست??ن جي ??ان??ن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ميڊيڪل رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپورٽ ۾ واشنگٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شال لنڊن ۾ رهندڙ نواز شريف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نواز شريف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پا??ست??ن جو سفر ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان ميڊيڪل رپورٽون تيار ڪرائي پا??ست??ن موڪلڻ پا??ست??ن جي عدالتي نظام ۽ قا??ونن جو مذاق اڏائڻ جي بر??بر آهي. هن چيو ته نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پا??ست??ن جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ان کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، جعلي رپورٽون موڪلڻ سان ان جو مقصد پورو نه ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نواز شريف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ان سان ان جي اسٽريس ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته شريف فيملي جعلي رپورٽس تيار ڪرائي پا??ست??ن موڪلڻ کان پاسو ڪري، شريف فيملي قا??وني رستو اختيار ڪري ۽ پا??ست??ن جي ماڻهن جو پئسو واپس ڪري. هن چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپورٽس جو سختي سان نوٽيس وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.