اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ رومانيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت س??يت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي روم??ني?? جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿيو. روم??ني?? ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روم??ني?? جي پرڏيهي وزير بوگدان اوريسڪو روم??ني?? جي ??ور?? جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ روم??ني?? اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ روم??ني?? جي وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روم??ني?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت س??يت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.