اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري واري ڏينهن جي م??قع?? تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير عوام اڄ خودمختياري جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄوڪي ڏينهن تي قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته هو پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن ٿا. اڄ ڪشميري عوام ??ان ڪيل واعدي کي 73 سال گذري ويا پر افسوس ته اهو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو. چوڌري فو??د حسين چيو ته گڏيل قومن جي قرارداد جا 73 سال پورا ٿيڻ تي ڀارت ڪٺ پتلي حد بندي ڪميشن جي خلاف احتجاج روڪڻ لاءِ ڪشميري قيادت جي گ??فتارين جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، ڀارت ڪشمير کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ماڻهن کي گ??فتار ڪرڻ، حريت اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪرفيو ۽ پابنديون لڳائڻ ??وز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي حد بندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي، چوڌري فو??د حسين چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام تي بدترين مصيبتون ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجا واعدا پورا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن ا??ان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين ان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.