اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آه?? ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن جيڪو تيزي سان ايشيا جو سڀ کان وڏو سيڙپڪار ۽ واپاري مرڪز بڻجي اڀري رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستانين جي فڪري ۽ ڪاروباري صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود صنعتن، اڪيڊيمين، ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? اهڙن خيال?? جو اظهار آمريڪا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايسپائر پاڪستا?? جو صد?? حسن سيد ڪري رهيو آهي، وفد سان ڳالهائيندي صد?? چيو ته پاڪستان پنهنجي دستياب انساني وسيلن کي حاضر دور جي هنر ۽ جديد تع??يم فراهم ڪري انهن جي تربيت جو اهتمام ڪري رهيو آهي، هن چيو ته تع??يمي معيار ??ي وڌائڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽي پاس ڪندڙ ماڻه?? جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري ??ي وڌيڪ فروغ ملندو، صد?? کي ٻڌايو ويو ته ايسپائر پاڪستان ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪاروباري ماڻهن، سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهر?? جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنه?? جو ويزن پاڪستان کي جدت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، صد?? پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو.