اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمن?? ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي وز??راعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻين مهارتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. وز??راعظم عمران خان سان ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعطم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پاڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وز??راعظم اتر آمريڪا جي صحت جي شعبي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمتن کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي نمايان ڪامابين تي وز??راعظم کي مبارڪباد ڏني، هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽارني جي لاءِ آن لا??ين سسٽم قائم ڪرڻ تي وز??راعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وز??راعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي شعبي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انهن کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ۽ سهولت جي ضرورت آهي، وز??راعظم ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي وز??راعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ڪري ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻي مهارت مان فائدو حاصل ڪ??، وزيراعظم پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمن?? ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وز??راعظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.