اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي ??سلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افغانستان ۾ معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ ٻي دنيا تي پوندا، عالمي برادري، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ??رتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي. اهي ڳالهيون هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ سان ڪيون جنهن وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل او آءِ سي جو منصب سنڀالڻ تي ??سين ابراهيم طحهٰ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان کي اميد آهي ته او آءِ سي توهان جي رهنمائي ۾ عالمي سطح تي وڌيڪ فعال ٿيندي. شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي جي باني رڪن طور تي، پاڪستان تنظيم جي ??درن ۽ مقصدن جي ??اسداري لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان او آءِ سي کي امت جو واحد ۽ موثر آواز جي طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ به پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان 22 -23 مارچ 2022ع تي ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ??يزباني جو منتظر آهي، هڪٻئي پويان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن جي ??يزباني مسلمان امت جي ??قصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي سنجيدگي جو ثبوت آهي. پاڪستان او آءِ سي جي ??ختلف ميمبر ملڪن سان گڏيل طور تي ??ائنسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو، ان سلسلي ۾، آءِ سي ٽي، طب، تعليم، وڏي صنعتي ۽ زرعي مشينري جي ??ٽاسٽا پاڪستان جي خصوصي دلچسپي جي شعبا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته او آءِ سي، مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي ??سلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ هڪ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻو پوندو. شاهه محمود قريشي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته افغانستان ۾ 40 سال کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ افغانين کي مفاهمت ۽ نئين سر تعمير جي ??ابل بڻائڻ جو هڪ موقعو موجود آهي. افغانستان سان عالمي برادري جي سفارتي ۽ سياسي رابطا افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهن، عالمي برادري جي اميدن ۽ افغانستان ۾ زميني حقيقتن جي ??چ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته افغانستان جي ??عيشت کي شديد چئلينجز درپيش آهن، افغانستان ۾ معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ ٻي دنيا تي پوندا، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي طور تي ??فغانستان کي انساني ا??دا?? جي ??راهمي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پاڪستان گڏيل قومن ۽ افغانستان کي انساني ا??دا?? فراهم ڪرڻ جو خواهشمند ٻين ادارن جي ذريعي افغانستان کي عالمي انساني ا??دا?? جي ??راهمي ۾ مدد لاءِ تيار آهي. اسان سمجهون ٿا ته انساني بنيادن تي ????دا?? جي ??راهمي کي مشروط ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، پرڏيهي وزير چيو ته افغان معيشت تي ??ٻاءُ گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ بئنڪنگ سسٽم جي بحالي لاءِ ميڪنزم ڳولڻ جي ضرورت آهي. افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي ??ي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ، نئين سري سان تڪرارن کي روڪڻ ۽ افغان پناهگيرن جي ??ڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا، پرڏيهي وزير او آءِ سي جي جن??ل سيڪريٽري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀارتي ??نگين خلاف ورزين ۽ خطي جي امن امان کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڪشميرين جي ??اءِ او آءِ سي جي ??سلسل حمايت کي ساراهيون ٿا. او آءِ سي جي ??راردادن ۽ بيانن سان معصوم ڪشميرين جي حوصلا افزائي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته پنج آگسٽ 2019ع جي ??نهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي ??ناسب کي غير قانوني طور تي مٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هندستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک قابض فوجين جي ذريعي، انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بدستور جاري آهن، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ معصوم ڪشميري او آءِ سي طرف ڏسي رهيا آهن، آئون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??عصوم ماڻهن کي ڀارتي ??لم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ توهان سان بطور او آءِ سي جي جن??ل سيڪرِيٽري ذاتي ڪوششن کي استعمال ۾ آڻڻ جي درخواست ڪندس، پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب، ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي حل جو گهرجائو آهي، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ??رتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي.