اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته مسيحي برادري سميت ا??ليتن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، موجوده حالتن جي ڏس ۾ امن ۽ آشتي جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته هي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، هو امن جو پيغمبر هو، مذهبي تعليم ۾ اخوت، درگذر جو وڏو درجو آهي، دنيا ۾ ان پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته هنو قت دنيا ۾ جنگيون ۽ قتلام ٿ?? رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ٿ?? رهيو آهي، سمورا چرچ ان ظلم ۽ جنگ جي نفي ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته سيالڪوٽ واقعو شرمندگي جو سبب آهي. هن امن ۽ آشتي بابت اسلامي ۽ مسيحي تعليم جو پڻ حوالو ڏيندي چي?? ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ان تعليم تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته الله جا سمورا نبي، پيغيمبر، مذهب امن ۽ محبت جو درس ڏين ٿا، اسان جو پيغام آهي ته پاڪستان سڀني جو آهي، ڀلي مسلمان، مسيحي، هندو يا ڪو به اقليت هجي هي ملڪ سڀني جو آهي، معاشري ۾ سمورين مذهبي ڌرين کي انهن جا حق حاصل آهن ۽ اهي عزت سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چي?? ته پاڪستان قائم ٿ??ڻ جي تحريڪ ۾ اقليتن قائداعظم محمد علي جناح سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو، هندوئن سميت ٻين اقليتن موقعو هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري پارلياماني سيڪريٽري شنيلا روٿ چي?? ته ڪرسمس جو پيغام امن ۽ ڀائيچارو آهي، حضرت عيسيٰ جي تعليم ۾ امن ۽ سلامتي جو درس ڏنو ويو آهي. هن چي?? ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ امن ۽ آشتي، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب قدم کڻي رهي آهي، موجوده حڪومت ڪرتارپور لنگهه سميت ا??ليتن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا آهن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.