اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته نومبر 1947ع تي ڀارت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا، لکين مسلمانن کي بي رحمي سا?? قتل ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ پوري دنيا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن کي زبردست انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. فرخ ح??يب چيو ته 6 نومبر 1947ع تي ڀارت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا، لکين مسلمانن کي بي رحمي سا?? قتل ڪيو ويو. فرخ ح??يب چيو ته بدمست ه??ٿي ڀارت ۽ مهارا??ا هري سنگهه مسلمانن جي رت سا?? هولي کيڏي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري جاگرافيائي تبديلي تي عالمي برادري جي خاموشي سواليه نشان آهي. فرخ ح??يب چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جو ڪيس انهي جرئت ۽ بهادري سا?? وڙهندو رهندو.