دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته ??فغانستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن?? اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ڏينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستاني سفير به هتي موجود آهن. هن ٻڌايو ته ??نگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدارتي محل ويندو جتي تاجڪستان جي صدر سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته ??فغانستان جي صورتحال ۾ تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته ??اجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر ملڪ افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.