اسلام آباد – 30 آگ??ٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ۾ 19.7 س??ڪڙ?? ??ضا??ي سان روانگي واپار 2.3 بلين ڊالرز ۽ ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 1.49 بلين ڊالرز رڪارڊ ??يو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته روانگي واپار ۾ ??ضا??و پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ ??ضا??ي جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پنهنجي عروج تي آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ۾ 17 س??ڪڙ?? وڌيڪ ??ضا??و ٿيو آهي.