اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، ص??اف??ي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان پڻ تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪر?? سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين ج??وي?? لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ ص??اف??ي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڌرين سان شيئر ڪر?? رهيا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، ص??اف??ي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين ج??وي?? لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقصد رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ ص??اف??ي تنظيمن سان مشاورت جي لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪر?? مشاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.