باڪو – 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته آذر??ائ??جان ۽ پاڪستان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي گڏيل لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوو سان باڪو ۾ صدارتي محل ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ پاڪستان جي پارليامين وفد جا ميمبر به موجود هئا، اسپيڪر اسد قيصر چي?? ته پاڪستان آذر??ائ??جان سان توانائي، وا??ار ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن ڪشمير مسئلي تي آذر??ائ??جان جي اڻٽر حمايت آذر??ائ??جان جي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ کيس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين کان آگاهه ڪيو. هن آذر??ائ??جان جي صدر ۽ عوام کي آرمينيا سان ٿيندڙ جنگ ۾ فتح تي مبارڪباد ڏني، هن ٻطرفي واپاري ماپي ۾ اضافي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وا??ار واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني. هن آذر??ائ??جان جي صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ به دعوت ڏني. آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوو چي?? ته آذر??ائ??جان ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي ۽ سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان جي موقف جي حمايت جاري رکندو.