اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قوم کي نظم ۽ ضبط جو مظاهر?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماج?? مفاصلي ۽ ماسڪ پائي نماز ۽ ٻين ڪمن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪورونا وبا خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، وزيراعظم ۽ حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون مسجد?? ۽ ??ازارن ۾ ماڻهن کي درخواست ڪريان ٿو ته هو ڪڙي نظر رکن، سماج?? مفاصلي ۽ ماسڪ سان نماز ۽ ڪم کي يقيني بڻائين، قوم نظم ۽ ضبط جو مظاهر?? ڪري ته الله ضرور مدد ڪندو.