اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري ??ليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، شڪايتن جي ازالي لاءِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب صدر کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي. صدر چيو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري ??ليف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽيڪس محتسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاه?? ضروري ??هي، هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ج?? ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب ٽيڪسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.