اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو پختو يقين آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي جو واحد حل اوپن بيلٽنگ ئي آهي، ووٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جو ڪردار تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف جي سڄي جدوجهد سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آڻ?? لاءِ هئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مرڪز ۾ يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن، وزيراعظم عمران خان پهرين ئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو. پي ٽي آءِ وٽ به يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي خلاف وڊيو ثبوت موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏه?? ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ثمرن مان لطف اندوز ٿيڻو آ??ي ته اسان کي هر شع??ي ۾ شفافيت جي عمل کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ پئسن جي زور تي اليڪشن وڙهندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي.