اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هز??ر 50 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 30 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هز??ر 378 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هز??ر 596، پنجاب ۾ 12 هز??ر 32، خيبرپختونخوا ۾ 2 هز??ر 831، اسلام آباد ۾ هڪ هز??ر 917، بلوچستان ۾ 356 ، گلگ?? بلتستان ۾ 302، آزاد ڪشم??ر ۾ 344 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 24 هز??ر 834 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽ??ز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هز??ر 859 وينٽيليٽ??ز تي ڪووڊ – 19 جا 218 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 61 هز??ر 82 آهي.