اسلام آ??اد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته افغان امن عمل ۽ ڳالهين کي نه رڳو پاڪستان جي حڪومت پر عالمي برادري به ساراهيو آهي، ان عمل کي انتهائي احتياط سان پڄاڻي تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي، تاريخ جو سبق اسان کي اڳتي وڌ?? ۽ پنهنجي غلطين کي صحيح ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي گڏجي بحر عرب کي وچ ا??شيائي رياستن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي ??ڪ نئين د??ر جو آغاز ٿيندو، هو پاڪ افغان واپار ۽ سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي ??ورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.