اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي ??بديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي بهتر ڪوآرڊينيشن جي ضرورت تي ??ور ڏيندي برساتن ۽ ٻوڏن سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رليف سرگرمين کي وڌيڪ بهتر ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل طور تي ??ڪمت عملي جوڙي سگهجي. هو هتي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي براءِ فلڊز جي اج??اس جي صدارت ڪري رهيو هو، اج??اس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات وارو وزير مراد سعيد، آبي وسيلن وارو وزير محمد فيصل واوڊا، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، اين ايڇ اي چيئرمين، فلڊ ڪميشن جو چيئرمي??، ڊي جي ميٽرو لوجيڪل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا، صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي.